Posts

Showing posts from October, 2022

رِواجن جي محتاج محبت 🍂

 زندگي جي ڪيتري ئي اسٽيجن تي اسان کي اھڙا ماڻھون ملندا آھن جنھن سان اسان کي شدت وارو پيار ٿيندو آ يا ايئن محسوس ٿيندو اِھو ئي اُھو انسان آ جنھن جو مان انتظار ڪيو اھو ئي منھنجو جيون ساٿي آھي ور ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ اھو انسان اسان مان يا اسان ان انسان مان تنگ ٿي ڪري پنھنجو رشتو ھميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيندا آھيون ، ڇو جو اسان جي سچي محبت اسان جي شدت واري محبت پھرين نظر واري محبت اُھا ھوندي آ جيڪا بي خيالي ۾ ٿيندي آ جڏھن اسان کي پنھنجي پاڻ جي به خبر نه ھوندي آ نه مي ھن دنيا جي نه ئي ريتن ، رسمن ، رواجن جي …..  اھڙي ئي محبت جي داستان آھي. “سراج ۽ نازيه جي محبت جيڪا رسمن رواجن جي ور چڙھي وئي ، جنھن ٻن پيار ڪرڻ وارن دلين کي ھميشه جي لاءِ ڏور ڪري ڇڏيو ، نازيه ۽ سراج ھڪ ئي خاندان جا ٻه فرد ھئا جيڪي نا سمجھي جي دؤر ۾ ھڪ ٻئي جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويا ھڪ ئي خاندان ۾ ھجڻ ڪري شادين غمين ۾ ھڪ ٻئي کي ڏسڻ ، ڏسي مسڪرائڻ سان ھنن کي دنيا خوبصورت لڳندي ھئي ته جيئن اُھي ھڪ ٻئي کي ڏسي خوش ٿيندا آھن دنيا وارا به انھن جي خوشي ۾ خوش ٿيندا ۽ انھن جي محبت جي داستان کي اَمر بڻائندا پر انھن کي خبر نه ھئي ته ھ...