رِواجن جي محتاج محبت 🍂

 زندگي جي ڪيتري ئي اسٽيجن تي اسان کي اھڙا ماڻھون ملندا آھن جنھن سان اسان کي شدت وارو پيار ٿيندو آ يا ايئن محسوس ٿيندو اِھو ئي اُھو انسان آ جنھن جو مان انتظار ڪيو اھو ئي منھنجو جيون ساٿي آھي ور ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ اھو انسان اسان مان يا اسان ان انسان مان تنگ ٿي ڪري پنھنجو رشتو ھميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيندا آھيون ، ڇو جو اسان جي سچي محبت اسان جي شدت واري محبت پھرين نظر واري محبت اُھا ھوندي آ جيڪا بي خيالي ۾ ٿيندي آ جڏھن اسان کي پنھنجي پاڻ جي به خبر نه ھوندي آ نه مي ھن دنيا جي نه ئي ريتن ، رسمن ، رواجن جي ….. 

اھڙي ئي محبت جي داستان آھي. “سراج ۽ نازيه جي محبت جيڪا رسمن رواجن جي ور چڙھي وئي ، جنھن ٻن پيار ڪرڻ وارن دلين کي ھميشه جي لاءِ ڏور ڪري ڇڏيو ، نازيه ۽ سراج ھڪ ئي خاندان جا ٻه فرد ھئا جيڪي نا سمجھي جي دؤر ۾ ھڪ ٻئي جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويا ھڪ ئي خاندان ۾ ھجڻ ڪري شادين غمين ۾ ھڪ ٻئي کي ڏسڻ ، ڏسي مسڪرائڻ سان ھنن کي دنيا خوبصورت لڳندي ھئي ته جيئن اُھي ھڪ ٻئي کي ڏسي خوش ٿيندا آھن دنيا وارا به انھن جي خوشي ۾ خوش ٿيندا ۽ انھن جي محبت جي داستان کي اَمر بڻائندا پر انھن کي خبر نه ھئي ته ھي دنيا وارا اَزل کان وٺي محبت جا ويري آھن دشمن آھن ، ايترا ويري جو انسان ته پري جي ڳالھ آ اگر انھن جي سامھون ٻه نانگ به پيار جو ميلاپ ڪندا آھن ته ان نانگن جي جوڙي کي به بنا ڪنھن وجه جي لٺيون ھڻي ماري ڇڏيندا آھن ، ته ڪڏھن پنھنجي ڪوڙي اَنا ۽ غيرت جي تسڪين خاطر ٻه پيار ڪرڻ وارن کي بنا ڪفن جي مٽي ۾ دفن ڪري ڇڏيندا آھن ، نازيه ئي ھئي جنھن پھريان سراج سان محبت جو اظھار ڪيو ھو ان کي ٻڌايو ته ھؤ سراج سان ڪيڏي شدت وارو پيار ڪندي آ ، سراج اِھو ٻڌندي نازيه اڳيان زمين تي ويٺو ۽ نازيه جا  ٻئي ھٿ پيار سان پنھنجي ھٿن ۾ جھلي تمام گھڻي درد مان چيائين منھنجي پياري نازيه مونکي به توسان پيار آ چاھت آ منھنجي دل چوندي آ مان ھن دنيا وارن کان لڪائي توکي پنھنجي دل ۾ سمائي ڇڏيا ، توکي پنھنجي من جي راڻي بڻائي ڇڏيا پر مان توسان اظھار ڪرڻ ۾ خوف محسوس ڪندؤ ھوس ته ڪٿي تون مونکان ناراض نه ٿي وڃي مون کان پري نه ٿي وڃي ايئن ئي انھن پنھنجي دل جي ڳالھ ھڪ ٻئي کي ٻڌائي  ، پيار محبت جو ڳالھيون ڪندي ڪي اِحد پيمان ڪندي واعدا ڪندي نبھائندي زندگي گذرندي رھي ھڪ ٻئي سان رابطي ڪرڻ لاءِ ڪڏھن اُھي خط لکندا ھئا ته ڪڏھن ٽيليفون تي ڳالھائندا ھئا  

ھڪ ڏينھن سراج نازيه کي چيو ته ھو ھاڻي مان توکان پري به ٿو رھي سگھان مان اما کي تنھنجي گھر تون جي رشتي لاءِ موڪلڻ چاھيان ٿو نازيه جي رضامندي ڏسي سراج پنھنجي گھر وارن کي نازيه جي گھر رشتي لاءِ ۽ موڪليو جٿي نازيه جا گھر وارا ته رشتي لاءِ راضي ٿيا پر نازيه جو چاچو سؤٽ ان رشتي کان انڪار ڪري بيھي رھيا انھن چيو ته پنھنجا سؤٽ ماسات ھوندي اسان پنھجين ڇوڪرين جي ٻاھر شادي ڇو ڪيون ، اسان کي ماڻھون مينھڙا ڏيندا غلط چوندا ، گھڻن ئي ميڙن منٿن کان پو به اھي پنھنجي فيصلي کان نه مُڙيا ، ڪجھ ڏينھنن کان پوءِ سراج جي منٿن کي ڏسي ھڪ دفعو وري سراج جي اَمان نازيه جي گھر وئي نازيه جي پئَ کان رشتو جي گُھر ڪئي جتي نازيه جي پئُ اھو چئي انڪار ڪيو ته مان نازيه جو رشتو سندس سؤٽ سان ڪري ڇڏيو آ ۽ ڪجھ ئي ڏينھن ۾ نازيه جي شادي به ڪندس اِھو ٻڌي سراج کي دلي صدمو پھتو ھو انھن سوچن ۾ ھيو ته ھن کي ھاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي ، اتي نازيه به ڏک ۾ مبتلا رھي ھو سراج کان سواءِ زندگي گذارڻ کي عذاب سمجھندي ھئي نازيه سراج ڏانھن پيغام موڪليو ته شادي جي رات ھو ان کي اتان کڻائي وڃي نه ته ھو خودڪشي ڪري ڇڏيندي ، سراج کي ان جو پيغام مليو ته ان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ڇو جو ھو ايئن نه پيو ڪري سگھي ھو نه پيو چاھي ته ھن جي ڪري ھن جا گھر وارا ڪنھن مشڪل ۾ پئجي وڃن ، ھن نازيه کي ڪو به جواب نه موڪليو 

آخر اُھو ڏينھن به اچي ويو جڏھن نازيه جي شادي ھئي سراج کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو ته ھو ڇا ڪري ھو گھر ۾ موجود پستول کڻي نازيه جي گھر جي سامھون وڃي بيٺو جيئن ئي ان نازيه جي ڄڃ کي ٻاھر ايندي ڏٺو ۽ نازيه کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي ھو رڙيون ۽ آھون ڪندو رئندو رھيو پاڙي وارن ان جي اھا حالت ڏسي ان جي ڀاءَ کي گھرايو ته جيئن ھو سراج کي اُتان وٺي وڃي ان جو ڀاءَ آيو ۽ سراج کي اتان وٺي وڃڻ لڳو ته سراج پستول جا فائر ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو ايئن ئي سراج جي محبت ڀري ڪھاڻي انت تي پھتي ، نازيه جي شادي ٿيڻ کان پوءِ ھو پنھنجي گھر ھلي وئي ڇو جو ھاڻي جيڪا به زندگي رھي ان کي سراج کان بغير ئي جيئڻو ھو 

ايئن ئي ھڪ دفعو ٻيھر دنيا وارا محبت جا ويري ثابت ٿيا ۽ ٻن معصوم پيار ڪرڻ وارن کي ھميشه لاءِ جدا ڪري ڇڏيو 

سنڌو 🔆

Comments

Popular posts from this blog

مٹی

خسارہ 💔

مضبوط عورت