Posts

مٹی

 نمی دے کر جو مٹی کو مسلسل گوندھتے ہو تم بتاؤ کیا بناؤ گے؟؟؟ کوئی کوزہ ، کوئی مورت یا پھر محبوب کی صورت؟🖤 سخن ور ہوں  کہو تو مشورہ اک دوں۔۔! یہ گھاٹے کا ہی سودا ہے یہاں مٹی کی مورت کی اگر آ نکھیں بناؤ گے تمھیں آ نکھیں دکھائے گی تراشو گے زبان اسکی  تو ترشی جھیل پاؤ گے؟؟؟؟ اگر جو دل بنایا تو  ہزاروں خواہشیں بن کر تمھیں تم سے ہی مانگے گی عطائے خلعتِ احمر اسے خود سر بنائے گی وہاں اپنی محبت کا جو نادر تاج پہنایا خدا خود کو ہی سمجھے گی ابھی بھی وقت ہے مانو ، ارادہ ملتوی کر دو اسے مٹی ہی رہنے دو  نامعلوم

قيدي ٿيڻ تي راضي آھيان

 جيڪڏهن توکي ڪتابن جو شوق نه آهي.  جيڪڏهن تون اهو نه سوچيو ته موسيقي ڪائنات ۾ سڀ کان خوبصورت ايجاد آهي.۽ نچندڙ جسم تنھنجي توجه کي متوجه نه ڪندا آھن.  جيڪڏهن تون سوچيو ته ڪهاڻيون صرف پريشانين جو سبب آهن.  تنھنجي مطابق، روح جي آزادي هڪ بيڪار بحث آهي.  ۽ مذهب جي نالي تي انسانيت سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم سبب تنهنجي دل جي دروازي تي ڪا به دستڪ نه ٿي. نه ئي ڪو  فرق پوي!  جيڪڏهن تنھنجي دنيا آفيس کان شروع ٿئي ٿي ۽ آفيس تي ختم ٿئي ٿي.  ۽ تنھنجي دل ۽ دماغ  ذميواري جي زنجيرن سان جڙيل آهي.  فرق نٿو پوي!  جيڪڏهن تون مون کي سڏي، اهو چوڻ وساريو ته مون کي توسان پيار آهي يا مان تون کي ياد ڪريان ٿو.ته مان ان سڀ جي باوجود به توکي ئي چونڊيندس.  بس تون مون کي يقين ڏيار ته جڏهن مان پنهنجي پسنديده ناول مان پنهنجي پسنديده ڪردار جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪندس ته مون کي ڪڏهن به ڊپ نه ٿيندو ته منهنجا لفظ تو کي پريشان ڪري رهيا آهن.  جڏهن رات جي خاموشي اسان ٻنهي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ۽ مان بي ترتيب دُھن ۾  لطيف جي وائي گُنگنايان ته ناراضگي ۾ ڪروٽ مٽائڻ بدران تون  ٿورو مسڪرائين ۽ چوين ته تون سٺو ڳائيندي آھين “ ۽ مان وڏي آواز ۾  اهو

ذات جو تجسس

 تمام گھڻو مشڪل آھي ان شخص سان گڏ زندگي گذارڻ جنھن جي خبر ھجي ته اِھو انسان نه توھان جو ڪڏھن ھيو نه ئي ڪڏھن توھان جو ٿيندو پوءِ به ان اُميد جي سھاري  زندگي کي گُذارڻ ته ان انسان کي مونسان ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور محبت ٿيندي ، اِھا اذيت جي انتھا آھي اذيت به اھڙي جيڪا توھان کي ڌوڪي ۾ رکي صرف تڙپائي ترسائي توھان جي نظر ۾ توھان جي تمام عزت ختم ڪري ڇڏي توھان کي نفس جو غلام بڻائي ڇڏي ، توھان جي دل احساسن کان خالي ٿي وڃي ،توھان جو اکيون خشڪ ٿي وڃن توھان ڪان دعا ڪرڻ وسري وڃي …. اگر اھڙو ڪو انسان اگر توھان جي زندگي ۾ آھي ته يقين مڃيو پنھنجو سڀ ڪجھ ڏئي ، پنھنجي پوري زندگي ڏئي به ان اژدھا نمان انسان کي توھان جو خيال ڪڏھن به نه ايندو  ان ڪري پنھنجن قيمتي جذبن کي ڪنھن مٿان قربان ڪرڻ کان بھتر توھان پنھنجو پاڻ تي خيال ڏيو الله پاڪ توھان کي ايڏو ھلڪو ايڏو سستو ناھي ٺاھيو جو توھان ڪنھن پٺيان لڳي پاڻ کي مٽي وانگر رولي ڇڏيو ، ڪنھن جي پيرن جي مٽي بڻجڻ کان سٺو آ پنھنجو پاڻ کي قيمتي بڻايو ايئن به ناھي جو ان شخص کان رستا ڌار ڪيو پر ضروري به ناھي ته پاڻ کي سستو ڪيو پنھنجي ذات کي مڪمل ڪنھن جي اڳيان کولي نه رکو ڇو ج

محبت منهنجي دل ۽ سمنڊ آهي

 ‏ ‏ منهنجي دل ۾ عشق جو جيڪو جذبو آھي ڪنهن سمنڊ کان گهٽ ناهي.  سمنڊ جي خوبي اها آهي ته اهو ڪنهن درياهه، ندي  يانالي ۾ نه ٿو ڪري  ۽ نه ئي ان ۾ سمائجي سگهي ٿو. ‏ اِھا سمنڊ جو غرور ناهي پر ان جي خوبي آهي.. ۽ توهان ڪڏهن به سمنڊ جي سطح کان اِھو اندازو نه  ‏نه ٿا لڳائي سگھون ته اُھو ڪيترو گِھرو آ يا ان ۾ ڇا لڪيل آ ..محبت جي سمنڊ ۾ توھان کي غوطٰ خور وانگر ٽپو ڏيڻو پوندو پنھنجو پاڻ سونپڻو پوندو پوءِ ئي توھان کي محبت جي خوبين جي خبر پوندي ، صرف خوبين جي محبت ۾ خاميون نه ھونديون آھن اگر توھان کي نظر اچن پيو ته اُھي خاميون اوھان جون آھن ‏سڀ کان دلچسپ ڳالھ ته اِھا ته سمنڊ ته سڀن جي پياس کي ختم ڪندو آھي ۽ سڀن کي پنھنجي اندر سمائي ڇڏيندو آھي ته سمنڊ جي پياس کي ڪير ختم ڪندو ھوندو ؟ ڪنھن پياسو سمنڊ ڏٺو آھي ؟ سمنڊ پنھنجي وجود کي ڪٿي سمائندو ھوندو ؟ ھر درياءَ ندي نالو سمنڊ ۾ ڪرندو آ ته پو سمنڊ ڪٿي ڪرندو ھوندو ؟ ‏شايد پاڻ کان  وڌيڪ اونهي ۽ وسيع سمنڊ ۾!!! ‏جتي ھو پنھنجي پياس ختم ڪري سگھي پر جنھن سمنڊ ۾ ھو ڪِريو اتي پياس ختم نه ڪري سگھيو ته پو ان جو ڪو مڪان نه ھوندو پوءِ ھو سفر ڪندو در بدر رھندو تڙپندو رھن

رِواجن جي محتاج محبت 🍂

 زندگي جي ڪيتري ئي اسٽيجن تي اسان کي اھڙا ماڻھون ملندا آھن جنھن سان اسان کي شدت وارو پيار ٿيندو آ يا ايئن محسوس ٿيندو اِھو ئي اُھو انسان آ جنھن جو مان انتظار ڪيو اھو ئي منھنجو جيون ساٿي آھي ور ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ اھو انسان اسان مان يا اسان ان انسان مان تنگ ٿي ڪري پنھنجو رشتو ھميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيندا آھيون ، ڇو جو اسان جي سچي محبت اسان جي شدت واري محبت پھرين نظر واري محبت اُھا ھوندي آ جيڪا بي خيالي ۾ ٿيندي آ جڏھن اسان کي پنھنجي پاڻ جي به خبر نه ھوندي آ نه مي ھن دنيا جي نه ئي ريتن ، رسمن ، رواجن جي …..  اھڙي ئي محبت جي داستان آھي. “سراج ۽ نازيه جي محبت جيڪا رسمن رواجن جي ور چڙھي وئي ، جنھن ٻن پيار ڪرڻ وارن دلين کي ھميشه جي لاءِ ڏور ڪري ڇڏيو ، نازيه ۽ سراج ھڪ ئي خاندان جا ٻه فرد ھئا جيڪي نا سمجھي جي دؤر ۾ ھڪ ٻئي جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويا ھڪ ئي خاندان ۾ ھجڻ ڪري شادين غمين ۾ ھڪ ٻئي کي ڏسڻ ، ڏسي مسڪرائڻ سان ھنن کي دنيا خوبصورت لڳندي ھئي ته جيئن اُھي ھڪ ٻئي کي ڏسي خوش ٿيندا آھن دنيا وارا به انھن جي خوشي ۾ خوش ٿيندا ۽ انھن جي محبت جي داستان کي اَمر بڻائندا پر انھن کي خبر نه ھئي ته ھي دنيا وا

عورت ڪڏھن ۽ ڪٿي آزاد آ ؟؟؟

 عورت ڪڏهن ۽ ڪٿي آزا د آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي شهر ۾ ڪا به عورت آزاد ناهي  سماج ڪيترو به ترقي ڪري چڪو هجي منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتن کي عزت ۽ غيرت جي نالي تي ڪارو ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو منهنجي شهر ۾ اڄ به عورت کي سڱ چٽي ڏنو وڃي ٿو منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتن کي رات جي اونداهي ۾ ماريو وڃي ٿو ۽ درياهه ۾ اڇلايو وڃي ٿو منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتون چند روپين لاءِ وڪامجن ٿيون اڄ به جڏهن ٻن ذاتن  ۾ جهيڙو ٿئي ٿو ته عورت کي چٽي طور ڏنو وڃي ٿي اڄ به هڪ ارڙهن سالن جي معصوم ڇوڪري کي اسي سالن جي پوڙهي وٽ پنجاهه هزارن ۾ وڪڻيون وڃي ٿو  پوءِ ٻڌايو ته عورت ڪڏهن ۽ ڪٿي آزاد آ ؟  اڄ به جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٻاهر پڙهڻ چاهي ٿي ته ان کي اهو چئي روڪيو وڃي ٿو ته ٻاهر جو ماحول خراب آهي، جيڪڏهن هوءَ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي چيو وڃي ٿو ته اھا ڇوڪري خراب آ ان کي ڪوئي چوڻ وارو ناھي … جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس گهر وارن مشڪلن سان ٻاهر پڙھڻ لاءِ موڪليو آهي ته پوءِ ٻاهر به مردن جو معاشرو آهي جتي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو، انهن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي، انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، انهن سان انصاف ڪرڻ وارو ڪو به ناهي. جيڪڏهن ڪا ڇو

ڪھاڻي گم ٿيل مينھن جي 🐮

 ‏ ‏ھڪ ڇوڪري جي پاڙي مان مينھن چوري ٿي وئي جڏھن ان ڇوڪري کي اھا خبر پئي ته ھو تڪڙ ۾ جذباتي ٿي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪري چورن جي ڪڍ ويو ٿورو اڳتي ويو ته سندس اسڪوٽر جو ٽائر پنڪچر ٿي ويس پويان آيل ڇوڪرن کان لفٽ وٺي اڳتي ويو ويو ويو ته اڳٿي مينھن جا مالڪ اڳ ۾ بيٺل ھئا  ‏ ‏جن ان ڇوڪري  کي ڏسي چيو ابا اسان  وٽ ھاڻي اسڪوٽر پورا آھن تنھنجي جاءِ ناھي تو ڀلي گھر ھل ، ھاڻي ان ڇوڪري وٽ ته اسڪوٽر به نه ھئي زور سان چيائي مون کي گھر ڇڏي اچو گھر ڇڏي اچو آخر ڪنھن نه ٻڌس پوء اھو ڇوڪرو رات پنڌ ھلي پیو پوء  ڳوٺ جو ڪچو رستو ھلندي ڪرندي اڌ ڪلاڪ ۾ گھر پھتو  جيئن ئي هو گھر واپس پھتو ته گھر وارن پڇيس ابا مينهن جو ڇا ٿيو جواب ڏنائين ته اوهان سڀ آرام ڪيو مينھن صبح تائين واپس ٿي ويندي پوءِ ھو نلڪي ڏانهن ويو ڇو ته گهر واپس ايندي مٽي ۽ گپ ۾ ھن جا پير خراب ٿي پيا ھيا پير ڌوئي ھو پنھنجي ڪمري ڏانهن ويو.. اتان ھن موبائيل کي چارج ڪرڻ وارو پاور بينڪ کنيو ۽ پڻ ھڪ بيٽري کنئي ٻاهر نڪري ھن ڏٺو ته ھن جي ننڍي ڀاءُ جي موٽر سائيڪل بيٺي هئي ھن ڪمري مان لوئي کڻي پاتي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪري ھڪ دفعو ٻيهر چورن جي پويان نڪري پيو گھڻو اڳتي ويو ته