قيدي ٿيڻ تي راضي آھيان

 جيڪڏهن توکي ڪتابن جو شوق نه آهي.  جيڪڏهن تون اهو نه سوچيو ته موسيقي ڪائنات ۾ سڀ کان خوبصورت ايجاد آهي.۽ نچندڙ جسم تنھنجي توجه کي متوجه نه ڪندا آھن.  جيڪڏهن تون سوچيو ته ڪهاڻيون صرف پريشانين جو سبب آهن.  تنھنجي مطابق، روح جي آزادي هڪ بيڪار بحث آهي.  ۽ مذهب جي نالي تي انسانيت سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم سبب تنهنجي دل جي دروازي تي ڪا به دستڪ نه ٿي. نه ئي ڪو  فرق پوي!  جيڪڏهن تنھنجي دنيا آفيس کان شروع ٿئي ٿي ۽ آفيس تي ختم ٿئي ٿي.  ۽ تنھنجي دل ۽ دماغ  ذميواري جي زنجيرن سان جڙيل آهي.  فرق نٿو پوي!  جيڪڏهن تون مون کي سڏي، اهو چوڻ وساريو ته مون کي توسان پيار آهي يا مان تون کي ياد ڪريان ٿو.ته مان ان سڀ جي باوجود به توکي ئي چونڊيندس.

 بس تون مون کي يقين ڏيار ته جڏهن مان پنهنجي پسنديده ناول مان پنهنجي پسنديده ڪردار جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪندس ته مون کي ڪڏهن به ڊپ نه ٿيندو ته منهنجا لفظ تو کي پريشان ڪري رهيا آهن.  جڏهن رات جي خاموشي اسان ٻنهي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ۽ مان بي ترتيب دُھن ۾  لطيف جي وائي گُنگنايان ته ناراضگي ۾ ڪروٽ مٽائڻ بدران تون  ٿورو مسڪرائين ۽ چوين ته تون سٺو ڳائيندي آھين “ ۽ مان وڏي آواز ۾  اهو سوچيندي کِلان ته اِھو سچ نه آهي.  حالتن جي سختيءَ کان گھٻرائجي جيڪڏهن مان فيض، جالب، اياز جي انقلابي شاعري پڙهندي جذباتي ٿيان، ته تون  کي شاعريءَ ۾ دلچسپي نه ھوندي به تون منهنجي هٿ تي هٿ رکي مون کي تسلي ڏين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

 ڇا تو کي خبر آهي؟ ته مون کي آزادي ڪيتري پسندآھي پرمنھنجي نظر۾  پيار سڀ کان خوبصورت قيد آهي.  جيڪڏهن تون مون کي يقين ڏياريو ته تنھنجي موجودگي ۾، مان مينهن ۾ رقص ڪري سگهان ٿي، پنهنجا پسنديده ڊراما ڏسي سگهان ٿي، جگجيت جي غزل ٻڌي سگهان ٿي.  مان توسان ڪنهن به موضوع تي بحث ڪري سگهان ٿي.  ۽ اڌ رات ۾ تنهنجو هٿ پڪڙي، مان پنهنجي پسنديده تفريح ڪري سگهان ٿي، يعني کليل آسمان هيٺ ويران رستن تي هلڻ. ھٿ ۾ ھٿ وجھي سمنڊ ڪناري گُمھين سگھان ٿي،  ته مان تنهنجي قيدي ٿيڻ تي راضي آهيان..♥️

سنڌو

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

مٹی

خسارہ 💔

مضبوط عورت