ڪھاڻي گم ٿيل مينھن جي 🐮
ھڪ ڇوڪري جي پاڙي مان مينھن چوري ٿي وئي جڏھن ان ڇوڪري کي اھا خبر پئي ته ھو تڪڙ ۾ جذباتي ٿي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪري چورن جي ڪڍ ويو ٿورو اڳتي ويو ته سندس اسڪوٽر جو ٽائر پنڪچر ٿي ويس پويان آيل ڇوڪرن کان لفٽ وٺي اڳتي ويو ويو ويو ته اڳٿي مينھن جا مالڪ اڳ ۾ بيٺل ھئا
جن ان ڇوڪري کي ڏسي چيو ابا اسان وٽ ھاڻي اسڪوٽر پورا آھن تنھنجي جاءِ ناھي تو ڀلي گھر ھل ، ھاڻي ان ڇوڪري وٽ ته اسڪوٽر به نه ھئي زور سان چيائي مون کي گھر ڇڏي اچو گھر ڇڏي اچو آخر ڪنھن نه ٻڌس پوء اھو ڇوڪرو رات پنڌ ھلي پیو پوء ڳوٺ جو ڪچو رستو ھلندي ڪرندي اڌ ڪلاڪ ۾ گھر پھتو جيئن ئي هو گھر واپس پھتو ته گھر وارن پڇيس ابا مينهن جو ڇا ٿيو جواب ڏنائين ته اوهان سڀ آرام ڪيو مينھن صبح تائين واپس ٿي ويندي پوءِ ھو نلڪي ڏانهن ويو ڇو ته گهر واپس ايندي مٽي ۽ گپ ۾ ھن جا پير خراب ٿي پيا ھيا پير ڌوئي ھو پنھنجي ڪمري ڏانهن ويو.. اتان ھن موبائيل کي چارج ڪرڻ وارو پاور بينڪ کنيو ۽ پڻ ھڪ بيٽري کنئي ٻاهر نڪري ھن ڏٺو ته ھن جي ننڍي ڀاءُ جي موٽر سائيڪل بيٺي هئي ھن ڪمري مان لوئي کڻي پاتي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪري ھڪ دفعو ٻيهر چورن جي پويان نڪري پيو گھڻو اڳتي ويو ته مينهن جا مالڪ بيٺل ھيا جن پڇڻ تي هن کي يعني (چڱي مڙس کي) ٻڌايو ته مينھن ۽ چورن جا پيرا زمين تي نظر نه ٿا اچن جنهن جو مطلب آهي ته چور مينهن کي درياهه جي پار ڪاھي ويا آهن ھنن چيو ته ھاڻي ڇا ڪجي تنهن تي ھن ڇوڪري چيو ته مينهن کي اڄ ورائڻو ئي آ بس پوءِ اھي سڀ درياه ۾ لھي پيا چانڊوڪي رات ھئي ته درياهه جو پاڻي چمڪي رهيو هو اھي سڀ درياه کي پار ڪري ڪناري تي پھتا پوءِ ھو گھمندي اڳتي ويا ٿورو اڳتي هلندي ھنن کي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز آيو ھو ھڪ پاسي ٿي لڪي ويٺا ۽ صبح جي روشني جو انتظار ڪرڻ لڳا انتظار ڪندي سڀني کي ننڊ اچي وئي پر چڱو مڙس جاڳندو رھيو ٿوري روشني ٿي ته ھو اٿي چورن جي طرف ويو چور چانهه پيئندين ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ھئا ھو بھادر ڇوڪرو جتي مينهن بيٺل ھئي اوڏانهن ويو مينھن جو منھن ٻڌل ھيو ان مينهن جي رسي کولي ۽ مينهن کي ڊوڙائي اچي ڪناري وٽ پهتو پوءِ ھو سڀ مينهن کي ڪاھي اچي گهر پهتا سڀ ڳوٺ جا ماڻهو ان ڇوڪري جي بھادري تي ڏاڍا خوش ٿيا ڇو ته ان کان پھريان ڪوئي به چوري ٿيل مينهن ان کان پھريان ڪوئي به ورائي نه سگهيو ھيو نه ئي بعد ۾ ڪو اھڙي بھادري ڏيکائي سگهيو... انهيءَ سان ان چڱي مڙس ثابت ڪيو ته ھو لوزر نه بھادر آھي
Comments
Post a Comment