محبت منهنجي دل ۽ سمنڊ آهي

 ‏


‏ منهنجي دل ۾ عشق جو جيڪو جذبو آھي ڪنهن سمنڊ کان گهٽ ناهي.  سمنڊ جي خوبي اها آهي ته اهو ڪنهن درياهه، ندي  يانالي ۾ نه ٿو ڪري  ۽ نه ئي ان ۾ سمائجي سگهي ٿو.


‏ اِھا سمنڊ جو غرور ناهي پر ان جي خوبي آهي.. ۽ توهان ڪڏهن به سمنڊ جي سطح کان اِھو اندازو نه 

‏نه ٿا لڳائي سگھون ته اُھو ڪيترو گِھرو آ يا ان ۾ ڇا لڪيل آ ..محبت جي سمنڊ ۾ توھان کي غوطٰ خور وانگر ٽپو ڏيڻو پوندو پنھنجو پاڻ سونپڻو پوندو پوءِ ئي توھان کي محبت جي خوبين جي خبر پوندي ، صرف خوبين جي محبت ۾ خاميون نه ھونديون آھن اگر توھان کي نظر اچن پيو ته اُھي خاميون اوھان جون آھن

‏سڀ کان دلچسپ ڳالھ ته اِھا ته سمنڊ ته سڀن جي پياس کي ختم ڪندو آھي ۽ سڀن کي پنھنجي اندر سمائي ڇڏيندو آھي ته سمنڊ جي پياس کي ڪير ختم ڪندو ھوندو ؟ ڪنھن پياسو سمنڊ ڏٺو آھي ؟ سمنڊ پنھنجي وجود کي ڪٿي سمائندو ھوندو ؟ ھر درياءَ ندي نالو سمنڊ ۾ ڪرندو آ ته پو سمنڊ ڪٿي ڪرندو ھوندو ؟

‏شايد پاڻ کان  وڌيڪ اونهي ۽ وسيع سمنڊ ۾!!!

‏جتي ھو پنھنجي پياس ختم ڪري سگھي پر جنھن سمنڊ ۾ ھو ڪِريو اتي پياس ختم نه ڪري سگھيو ته پو ان جو ڪو مڪان نه ھوندو پوءِ ھو سفر ڪندو در بدر رھندو تڙپندو رھندو …صحرا بڻجي پياسو رھندو 

‏⁧‫#سنڌو‬⁩ 🔆

Comments

Popular posts from this blog

مٹی

خسارہ 💔

مضبوط عورت