ذات جو تجسس
تمام گھڻو مشڪل آھي ان شخص سان گڏ زندگي گذارڻ جنھن جي خبر ھجي ته اِھو انسان نه توھان جو ڪڏھن ھيو نه ئي ڪڏھن توھان جو ٿيندو پوءِ به ان اُميد جي سھاري زندگي کي گُذارڻ ته ان انسان کي مونسان ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور محبت ٿيندي ، اِھا اذيت جي انتھا آھي اذيت به اھڙي جيڪا توھان کي ڌوڪي ۾ رکي صرف تڙپائي ترسائي توھان جي نظر ۾ توھان جي تمام عزت ختم ڪري ڇڏي توھان کي نفس جو غلام بڻائي ڇڏي ، توھان جي دل احساسن کان خالي ٿي وڃي ،توھان جو اکيون خشڪ ٿي وڃن توھان ڪان دعا ڪرڻ وسري وڃي …. اگر اھڙو ڪو انسان اگر توھان جي زندگي ۾ آھي ته يقين مڃيو پنھنجو سڀ ڪجھ ڏئي ، پنھنجي پوري زندگي ڏئي به ان اژدھا نمان انسان کي توھان جو خيال ڪڏھن به نه ايندو ان ڪري پنھنجن قيمتي جذبن کي ڪنھن مٿان قربان ڪرڻ کان بھتر توھان پنھنجو پاڻ تي خيال ڏيو الله پاڪ توھان کي ايڏو ھلڪو ايڏو سستو ناھي ٺاھيو جو توھان ڪنھن پٺيان لڳي پاڻ کي مٽي وانگر رولي ڇڏيو ، ڪنھن جي پيرن جي مٽي بڻجڻ کان سٺو آ پنھنجو پاڻ کي قيمتي بڻايو ايئن به ناھي جو ان شخص کان رستا ڌار ڪيو پر ضروري به ناھي ته پاڻ کي سستو ڪيو پنھنجي ذات کي مڪمل ڪنھن جي اڳيان کو...