عورت ڪڏھن ۽ ڪٿي آزاد آ ؟؟؟

 عورت ڪڏهن ۽ ڪٿي آزاد آهي؟

گهٽ ۾ گهٽ منهنجي شهر ۾ ڪا به عورت آزاد ناهي 

سماج ڪيترو به ترقي ڪري چڪو هجي

منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتن کي عزت ۽ غيرت جي نالي تي ڪارو ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو

منهنجي شهر ۾ اڄ به عورت کي سڱ چٽي ڏنو وڃي ٿو

منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتن کي رات جي اونداهي ۾ ماريو وڃي ٿو ۽ درياهه ۾ اڇلايو وڃي ٿو

منهنجي شهر ۾ اڄ به عورتون چند روپين لاءِ وڪامجن ٿيون

اڄ به جڏهن ٻن ذاتن  ۾ جهيڙو ٿئي ٿو ته عورت کي چٽي طور ڏنو وڃي ٿي

اڄ به هڪ ارڙهن سالن جي معصوم ڇوڪري کي اسي سالن جي پوڙهي وٽ پنجاهه هزارن ۾ وڪڻيون وڃي ٿو 

پوءِ ٻڌايو ته عورت ڪڏهن ۽ ڪٿي آزاد آ ؟ 

اڄ به جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٻاهر پڙهڻ چاهي ٿي ته ان کي اهو چئي روڪيو وڃي ٿو ته ٻاهر جو ماحول خراب آهي، جيڪڏهن هوءَ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي چيو وڃي ٿو ته اھا ڇوڪري خراب آ ان کي ڪوئي چوڻ وارو ناھي …

جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس گهر وارن مشڪلن سان ٻاهر پڙھڻ لاءِ موڪليو آهي ته پوءِ ٻاهر به مردن جو معاشرو آهي جتي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو، انهن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي، انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، انهن سان انصاف ڪرڻ وارو ڪو به ناهي.

جيڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ چاهي ته ان کي بولڊ ۽ غير اخلاق بدچلن سڏيو ويندو آهي

اسان جي پياري نبي ﷺ جن فرمايو آهي ته جڏهن توھان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪيو ته ان جي رضامندي ضرور پڇو … 

پر اسان جي معاشري ۾ ڇوڪرين جون جبري شاديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن کان پڇڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي ويندي آ 

پوءِ انهن عورتن کي گهرن ۾ رکيو وڃي ٿو، گهر جو ڪم به ڪرايو وڃي ٿو ۽ کين ماريون ڪٽيون ويندو آ 

جڏهن مرد کي ضرورت هوندي آهي ته هو کيس پئسا ڪمائڻ لاءِ ٻاهر موڪليندو آهي، پر جيڪڏهن اها ئي عورت گهر ۾ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري ته ان کي طلاق ڏئي گهر مان ڪڍيو ويندو آهي.

ڪيترا ئي وومين شيلٽر اھڙي عورتن جي ڪھاڻين سان ڀريل آھن جٿي عورتون گھرن جي مسئلن مان بيزار ٿي ته اچن ٿيون پر ٻاھر به انھن جو جيئڻ حرام ڪيو وڃي ٿو ….

الله تعاليٰ عورتن کي برابري جا حق ۽ عزت ڏني آهي

حالنڪ الله تعاليٰ  عورت جي قدمن ۾ جنت رکي آهي ڇو ته ماء به ھڪ عورت آھي 

پر اسان جي سماج جو مرد اڄ به عورت جي آزادي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي

اها مردن جو ڪوڙي فخر آهي ته اسان جي سماج ۾ عورتن کي برابري جا حق نه ٿا ڏنا وڃن 

۽ عورتن کي برابر نه ٿوسمجهيو وڃي

اڄ اُهي ئي مرد عورت جي آزادي جو مذاق اڏائي رهيا آهن

حوا جي ڌيءَ ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهي

ڇو ته هي مردن جو معاشرو آهي

سنڌو 🔆

Comments

  1. اسان جي معاشري عورت کي هون ڪيئي ازيتو ڏنيو وينديو آهن اهي اڻ کٽ هن پر هن سماج جا مرد اهو ڀي چاهيندا هن ته عورت ساھ ڀي سندن جي مرضي سان کڻي جيڪي مرد عورتن جا علمبردار ٿين ٿا اهي هميشه عورت کي هڪ ٻانهي نوڪرياڻي طور ڏسندا آهن..
    فقير*

    ReplyDelete
  2. ١٠٠% سچی حقیقت آء۔

    ReplyDelete
  3. بلکل تلخ حقیقت سائڻ

    ReplyDelete
  4. عورت پڙھي لکي ڪم ڪري؛ ھي ھڪ نئي ٽرانزيشن آھي اسان جي سماج ۾ جتي مڙد متارو ۽ عورت ھيڻي رھي آھي. وقت لڳندو، شايد صديون پر اسان جو ايندڙ نسل ان مرض مان ضرور آجھو ٿيندو.

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

مٹی

خسارہ 💔

مضبوط عورت